سسئي پنهون جو ميلو

سسئي-پنهون جو ميلو: سومرن جي دور ۾ هن مشهور رومانوي داستان جي مک ڪردارن (سسئي-پنهون) جي قبرن تي هر سال 13 جولاءِ کان 15 جولاءِ/ رجب 11، 12 ۽ 13 تاريخ تي پبني ناڪي جي ويجهو ڳوٺ سنگهر ۾ ميلو لڳي ٿو، جيڪو حب شهر کان 52 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. سسئي- پنهون ميلي ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين علائقن مان ايندڙ عقيدتمندن جو تعداد هر سال 10000 کان مٿي هجي ٿي، جن ۾ مرد، عورت زيارتين سان گڏ، ٻارن جو به گهڻو تعداد هوندو آهي. ميلي ڪيٽي جا ميمبر زيارتين جي لاءِ کاڌي پيتي، رهائش ۽ دوائن جي فراهميءَ جو بندوبست ڪندا آهن ۽ ڪميٽيءَ ميلي تي ايندڙ خرچ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي قبائلي سردارن کان مالي مدد به حاصل ڪندي آهي.
هن ميلي ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين علائقن مان آيل صوفي فنڪار مشهور درويشن جو ڪلام ڳائيندا آهن ۽ ميلي جا ٽئي ڏينهن ملاکڙي جو بندوبست ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا مشهور ملهه شريڪ ٿيندا آهن. هي ميلو ٻنهي صوبن کان آيل ماڻهن جي وچ ۾ امن ڀائيچارو ۽ محبت پيدا ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو